مشهور سوشل ميڊيا انفلوئنسر ” وڊيو “ ٺاهڻ جي چڪر ۾ حياتي وڃائي ويٺي !

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ممبئي ۾ 27 ورهين جي سوشل ميڊيا انفلوئنسر آنوي ڪامدر ريل ( مختصر وڊيو ) ٺاهيندي ٽي سئو فٽ اونهي کاهي ۾ ڪِري حياتي وڃائي ويٺي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آنوي هڪ چارٽرڊ اڪائونٽنٽ هئي جيڪا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سفر جا تجربا شيئر ڪندي رهندي هئي، سندس انسٽاگرام فالوورز جو انگ ٻه لک 67 هزار آهي.
رپورٽن موجب آنوي ڪامدرا 16 جولاءِ تي پنهنجي دوستن سان گڏ سون سيريز جي سفر تي نڪتي جنهن دوران هو مهارشٽرا جي مشهور ڪمڀي آبشار وئي، تي هوءَ مون سون سفر جي وڊيو رڪارڊ ڪري رهي هئي ته اوچتو سندس پير تِرڪي پيو ۽ هوءَ اٽڪل ٽي سئو کان ساڍا ٽي سئو فٽ گهري کاهي ۾ ڪِري پئي.
اطلاع ملڻ تي فوري طور ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي جنهن کانپوءِ آنوي کي کاهي مان ڪڍڻ لاءِ آپريشن شروع ٿيو جيڪو 6 ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن کانپوءِ آنوي ڪامدار کي زندهه حالت ۾ کاهي مان ڪڍيو ويو جيڪا سخت زخمي هئي، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي هن زخمن جي سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.