ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي مالي معاملن تي بورڊ ميمبر آءِ سي سي تي ڏمريل

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) جي بورڊ ميمبرن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي معاملن تي ڪاوڙيل آهن.
رپورٽ موجب، ورلڊ ڪپ جي مالي ۽ آپريشنل معاملن تي آءِ سي سي جي سالياني اجلاس ۾ سوال اُٿاريا ويندا، آمريڪا ۾ ورلڊ ڪپ ميچن لاءِ ٻه ڪروڙ ڊالرز جي واڌو رقم ورتي وئي هئي ۽ اتي ميچون ڪرائڻ لاءِ آءِ سي سي هڪ الڳ آزاد ڪمپني قائم ڪئي هئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي آهي ته ڪمپني آءِ سي سي کي منظور ٿيل بجيٽ کانسواءِ ٻه ڪروڙ ڊالرز جي درخواست ڪئي هئي.
هڪ بورڊ ڊائريڪٽر انڪشاف ڪيو آهي ته آءِ سي سي کان ڄاڻايل رقم روڪ ادائيگين لاءِ قرض طور طلب ڪئي وئي هئي.
رپورٽ موجب، آمريڪا ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ميچن لاءِ ساڍا چار ڪروڙ ڊالرز بجيٽ رکي وئي هئي، ڏيڍ ڪروڙ ڊالرز آپريشن ۽ ٽي ڪروڙ ڊالرز نسائو اسٽيڊيم جي اڏاوت لاءِ مختص هئي.
آءِ سي سي بورڊ ميمبرن هوش خطا ڪدڙ بجيٽ تي به ڪاوڙيل آهن،ان کان سواءِ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيل ميچن دوران خالي اسٽيڊيم ۽ خراب پچن وارو معاملو به اجلاس ۾ بحث هيٺ ايندو.
ڀارتي براڊ ڪاسٽ مارڪيٽ سبب ويسٽ انڊيز ۾ صبح جو ميچون رکيون ويون، ورلڊ ڪپ جو مُک ميزبان ويسٽ انڊيز هو ۽ آءِ سي سي اجلاس ۾ ويسٽ انڊيز اختيارين کان پڇاڻو ٿيندو.
رپورٽ موجب، ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا جي لوڪل آرگنائزنگ ڪميٽي ۾ رابطن جو فقدان رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.