سيالڪوٽ ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف يومِ عاشور جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڪربلا ۾ انساني تاريخ جي عظيم ترين قرباني ڏني وئي، هاڻي مسلمانن ۾ اِهو جذبو ناهي رهيو.
خواجا آصف چيو ته ڪربلا جي عظيم قرباني سان ڀيٽ ته نه ٿي ڪري سگهجي پر هڪ ڪربلا غزا ۾ به جاري آهي ۽ مراڪش کان انڊونيشيا ۽ ملائيشيا تائين مسلمان ماتم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته عاشورا ۽ محرم اسان کي عظيم قرباني ياد ڏياري ٿو، ڪو به مسلمان ڪنهن به فرقي سان واسطو رکندو هجي هي اسان جو گڏيل ڏُک آهي، ان ڏک جي ياد هر سال محرم ۾ تازي ٿيندي آهي.
”ڪربلا ۾ انساني تاريخ جي عظيم ترين قرباني ڏني وئي، هاڻي مسلمانن ۾ اِهو جذبو ناهي رهيو“
Next Post
You might also like