اُهي غذائون جن کان گرمي جي موسم ۾ پاسو ڪرڻ گھرجي

اسان گھڻو ڪري ماڻهن کان ٻڌندا آيا آهيون ته تبديل ٿيندڙ موسمن جي مناسبت سان خوراڪ جو استعمال ڪرڻ گھرجي ۽ غير مناسب خوراڪ کان بچڻ گھرجي پر ان ۾ ڪيتري سچائي آهي، ان بابت گھٽ ماڻهن کي خبر آهي. گرمي جي موسم اچي چڪي آهي. ان دوران ڪهڙين غذائن کان پرهيز ڪرڻ ضروري آهي، ان حوالي سان اسان اوهان کي هيٺ ٻڌائي رهيا آهيون.

ڪافي

گرمين ۾ اُڃَ گھڻي لڳڻ قدرتي ڳالهه آهي پر جسم ۾ پاڻي جي سطح کي برقرار رکڻ گھڻو ضروري آهي ۽ ڪافي جو استعمال ان ۾ رنڊڪ بڻجي سگھي ٿو. تنهنڪري ڪافي کان پرهيز ڪريو يا ان جو استعمال گھڻو گھٽائي ڇڏيو.

کٽاڻ

کٽاڻ ۾ سوڊيم جو مقدار گھڻو هوندو آهي جنهن سبب جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي سگھي ٿي. ان کانسواءِ گرمين ۾ کٽاڻ جو جيڪڏهن گھڻو استعمال ڪيو وڃي ته بدهضمي به ٿي سگھي ٿي.

خشڪ ميوا

جيتوڻيڪ خسڪ ميوا عذائيت سان ڀرپور ه

جن ٿا پر اهي جسم ۾ گرمائش پيدا ڪندڙ به آهن. ٿڌن علائقن ۾ انهن جو گھڻو استعمال صحت لاءِ فائديمند اهي پر گرم موسم ۾ ان جو استعمال نقصان ڏيندڙ ثابت ٿي سگھي ٿو ۽ چِڙ ۽ ٿَڪَ جي شڪايت ٿي سگھي ٿي.

ملڪ شيڪس

گرمين ۾ ملڪ شيڪس پيئڻ لاءِ ڪنهن جي دل ناهي چوندي، پر اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته انهن ۾ کنڊ جو مقدار گھڻو هوندو آهي ۽ جسم اندر پاڻي جي سطح جي کوٽ DEHYDRATIONجو سبب بڻجي سگھن ٿا.

مصالحيدار کاڌا

مرچ خاص ڪري ڳاڙها مرچ مصالحيدار کاڌن جو لازمي جز هجن ٿا. انهن مرچن ۾ capsaicin  نالي هڪ مرڪب هوندو آهي جيڪو جسم ۾ گرمائش، پاڻي جي کوٽ، گھڻو پگھر اچڻ ۽ بيماري جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

گوشت

جڏهن خارج ٿيندڙ گرمي پد وڌيڪ هجي ته گوشت کائڻ سان ڪينسر جو خطرو گھڻو وڌي ويندو آهي ۽ جسم ۾ گرمائش جو به سبب بڻبو آهي.

تَريل کاڌا

سموسا، چاٽ ۽ پٽاٽن جي چپس سوڌو سڀ تريل کاڌا پاڻي جي کوٽ جو سبب بڻجن ٿا. ۽ رڳو اهو ئي نه پر هاضمي کي به متاثر ڪن ٿا.

سوڊا

گرمين ۾ مل شيڪس جيان سوڊا به گھڻا ماڻهو پسند ڪندا آهن پر اها سوڊا جتي کنڊ ۽ ٻين نقصان ڏيندڙ جُزن سان ڀرپور آهي، اتي ئي اها جسم ۾ اندروني پاڻي جي کوٽ جو سبب به بڻجي ٿي.

لوڻ

لوڻ جو گھڻو استعمال جسم ۾ پاڻي کي جذب ڪري ٿو ۽ ڊي هائڊريشن جو سبب بڻجي ٿو. ان جي نتيجي ۾ متاثر شخص کي سستي، بيچيني ۽ ٿڪ محسوس ٿي سگھي ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.