ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ پهرين جولاءِ کانپوءِ گذريل رات هلندڙ سال جي ٻي گرم ترين رات هئي.
موسميات کاتي موجب، جولاءِ ۾ رات جو سراسري گرمي پد 29 ڏهائي 9 ڊگري سينٽي گريڊ آهي پر گذريل رات گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 32 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته گذريل رات معمول کان 4.1 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ گرمي پد رڪارڊ ڪيو ويو جنهن کانپوءِ گذريل رات هلندڙ سال جي ٻي گرم ترين رات آهي.
Prev Post
You might also like