حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي هڻي سگهي ٿي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي هڻي سگهي ٿي.
پنهنجي بيان ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته تحريڪِ انصاف تي پابندي جي حوالي سان حڪومت اڃا ارادو ڪيو آهي ۽ پابندي بابت آئين تي عمل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته حڪومت آرٽيڪل 17 تحت ڪنهن به پارٽي تي پابندي لاءِ ڊڪليريشن ڏئي سگهي ٿي، جڏهن ڪابينا منظوري ڏيندي ته ڊڪليريشن کي 15 ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ کي پيش ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته جيڪڏهن عدالت ڊڪليريشن سان متفق ٿي وڃي ٿي ته تحريڪ انصاف تي پابندي لاڳو ٿي ويندي.
هن چيو ته حڪومت اڃا پنهنجي ارادي کي ظاهر ڪيو آهي، آئين ۾ ڏنل طريقيڪار موجب عمل ڪيو ويندو، مخصوص سيٽن تي عدالت ۾ پنهنجو موقف پيش ڪندا، جيڪڏهن ته مخصوص سيٽون کين ملي سگهن ٿيون ته آئيني طور تي ڪوشش ڪندا.
سندس چوڻ هو ته ايڊهاڪ جج رکڻ جو باقاعدا آئين ۾ ذڪر آهي، جيڪڏهن اهو صحيح ناهي ته آئين ۾ ڇو آهي؟، ڪنهن جي پسند يا ناپسند تي آئيني شين کي روڪي نٿو سگهجي.
هن وڌيڪ چيو ته معاشي بدحالي 2018ع بعد آئي آهي، پي ٽي آءِ باني کي آڻي ملڪ تي ويهاريو ويو ۽ هلندڙ ملڪ کي هن صورتحال تي پهچايو ويو.

PTI PMLN RanaSanaullah

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.