گهڻي قدر ماڻهو ڪو گيت ٻڌڻ لاءِ يوٽيوب کي ترجيح ڏيندا آهن ۽ ان مقصد لاءِ يوٽيوب ميوزڪ جي نالي سان هڪ الڳ سروس پڻ متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.
جيڪڏهن اوهان يوٽيوب ميوزڪ استعمال ڪري رهيا آهيو ته سٺي خبر اِها آهي ته هاڻ ان ۾ هڪ اهڙو ٽول سمورن واهپيدارن کي دستياب آهي جنهن ذريعي اوهان رڳو جهونگاري پنهنجو پسنديدا گيت ڳولي سگهو ٿا.
گوگل طرفان ڄاڻايل فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان مئي 2024 ۾ ڪيو ويو هو ۽ هاڻ اِهو سمورن واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
هم ٽو سرچ نالي ٽول مارچ 2024 کان اينڊرائيڊ واهپيدارن کي يوٽيوب ميوزڪ بيٽا ورزن ۾ دستياب هو، هاڻ ڪمپني اعلان ڪيو آهي ته يوٽيوب ميوزڪ ۾ ڏهه ڪروڙ کان وڌيڪ گيت جهونگاري ڳولڻ ممڪن آهي.
اينڊرائيڊ سان گڏوگڏ آءِ او ايس واهپيدارن به ٽول مان لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا، گيت جهونگارڻ کانسواءِ اوهان گاني جي ڌن وڄائي به پنهنجو پسنديدا مواد ڳولي سگهو ٿا.
فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو
فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ ايپ اپن ڪري مٿي ساڄي ڪنڊ ۾ موجود magnifying گلاس واري آئيڪون تي ڪلڪ ڪريو.
ان تي ڪلڪ ڪرڻ تي مائيڪرو فون آئيڪون جي ڀرسان ويو فارم آئيڪون نظر ايندو.
ان آئيڪون تي ڪلڪ ڪري گيت جهونگاريو يا ان جي ڌن وڄايو، جنهن کانپوءِ فل اسڪرين رزلٽ پيج گيت جو نالو ۽ ٻيا تفصيل اوهان جي سامهون اچي ويندا.
ان کانسواءِ فيچر لاءِ گوگل طرفان آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو پيو وڃي جيڪا جهونگارڻ جي آواز کي اصل رڪارڊنگ سان ڀيٽ ڪندي.
You might also like