لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) آسٽريليا جي ٽوني هيمنگ کي ٻن سالن جي معاهدي تحت نئون هيڊ ڪيوريٽر مقرر ڪري ڇڏيو آهي.
ويسٽرن آسٽريليا سان واسطو رکندڙ ٽوني هيمنگ پنهنجي ذميواري سنڀالڻ لاءِ اربع جي ڏينهن لاهور پهچندو.
هيمنگ جي فوري ذميوارين ۾ هڪ بنگلاديش ۽ انگلينڊ خلاف آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جون پنج ٽيسٽ ميچن لاءِ پِچون تيار ڪرڻ آهي.
بنگلاديش خلاف آگسٽ سٽيمبر ۾ ٻن ٽيسٽ جڏهن ته انگلينڊ خلاف آڪٽوبر ۾ ٽن ٽسٽ ميچن جي سيريز پاڪستان ۾ کيڏي ويندي.
هيمنگ آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي پچز جي تيارين جي به نگراني ڪندو جنهن جي ميزباني پاڪستان 19 فيبروري کان 19 مارچ تائين ڪندو.
You might also like