محمد وسيم عورت ڪرڪيٽرز کي ملندڙ سهولتن تي سوال اُٿاري ڇڏيا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومينز ٽيم جي نئين هيڊ ڪوچ محمد وسيم وومينز پليئرز کي ملندڙ سهولتن تي سوال اُٿاري ڇڏيا ۽ سندس مطالبن جي حق ۾ آواز اُٿاريو آهي.
نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد وسيم چيو ته ماضي ۾ وومينز ڪرڪيٽ تي ڪم ئي ناهي ٿيو، وومين پليئرز سان سڀ اهڙي قسم جي نتيجا چاهين ٿا جيئن پاڪستان جي مينز ٽيم مان اميد لڳائي ويندي آهي جيڪڏهن اهڙا نتيجا گهرجن ته ٽيم تي انويسٽ به ائين ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته وومينز ڪڪريٽ کي مينز ڪرڪيٽ جي برابري تي آڻڻو پوندو، پوءِ کڻي اِهو معاوضي جي صورت ۾ هجي يا سهولتن جي شڪل ۾ هجي، وومينز ڪرڪيٽرز کي پاڪستان جي مينز ٽيم جهڙيون سهولتون ناهن ملنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.