جنيد خان گهڻو ڪجهه سيکاريو آهي، هن دفعي ايشيا ڪپ کٽينداسين: فاطمه ثناءَ

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان وومينز ٽيم جي فاسٽ بالر فاطمه ثناءَ چيو آهي ته جنيد خان بالنگ بهتر ڪرڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي ۽ ايشيا ڪپ لاءِ سٺي تيار ڪئي آهي، ٽورنامينٽ کٽي موٽنداسين.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي فاطمه ثناءَ چيو ته بالنگ ڪوچ ماڊرن ڊي ڪرڪيٽ جي حساب سان مائينڊ سيٽ 7 ورائٽي جو ٻڌايو، ايشيا ڪپ ۾ ڏسندئو ته خبر پئجي ويندي ته ڪهڙي تياري ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ کيڏي رهي آهيان جنهن کي يادگار بڻائڻ جي ڪوشش ڪنديس، جيڪڏهن ٽيم نه کٽيو ته ذاتي هدف بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن، ٽورنامينٽ کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.