ڪوپا آمريڪا فائنل: ميسيءَ جي زخمي ٿيڻ باوجود ارجنٽينا ڪولمبيا کي هارائي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ارجنٽينا ( ويب ڊيسڪ ) ڪولمبيا کي ٻڙي جي مقابلي هڪ گول تان شڪست ڏئي 16 هون ڀيرو ڪوپا آمريڪا فٽبال ٽورنامينٽ جو ٽائٽل کٽي رڪارڊ قائم ڪري ورتو.
ارجنٽينا جي ڪپتان ميسي انجري سبب پوري ميچ نه کيڏي سگهيو، هو جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ لڙڪ لاڙي ويٺو پر سندس ٽيم جي فتح سان ئي افسوس جشن ۾ تبديل ٿي ويو.
گذريل رات ميامي گارڊنز ۾ ارجنٽينا ۽ ڪولمبيا وچ ۾ ڪوپا آمريڪا جو فائنل انتهائي دلچسپ صورتحال اختيار ڪري ويو، جتي ٻنهي ٽيمن هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئي حملا ڪيا پر ڪنهن کي ڪاميابي نه ملي.
ميچ جي ٻئي هاف ۾ ارجنٽينا جو ڪپتان ميسي انجري جو شڪار ٿي ويو ۽ آلين اکين سان ميدان مان ٻاهر هليو ويو، هو بئنچ تي به پنهنجي جذبن تي ظابطو نه رکي سگهيو ۽ روئي ويٺو.
فائل ميچ ۾ مقرر وقت ۾ ڪا به ٽيم گول نه ڪري سگهي، جنهن کانپوءِ ميچ جو فيصلو اضافي وقت ۾ ٿيو ۽ 112 هين منٽ ۾ ارجنٽينا جي لوٽيرو مارٽنز گوگل اسڪور ڪيو، اِهو ئي گول فائنل جو فيصلائتو گول ثابت ٿيو.
ارجنٽينا ٻڙي جي مقابلي هڪ گول تان ڪاميابي سان گڏ ڪوپا آمريڪا ٽورنامينٽ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو، ان سان گڏوگڏ ارجنٽينا رڪارڊ 16 هون ڀيرو ڪوپا آمريڪا ڪپ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
اسٽار فٽبالر ليونل ميسي ۽ سندس ٽيم ارجنٽينا مسلسل ٽِين وڏي ٽورنامينٽ کٽي آهي.
ان کان اڳ ارجنٽينا 2021 ڪوپا آمريڪا ۽ وري 2022 ۾ قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کڻي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.