اننت امباڻي جي شادي ۾ پاڪستاني ڊيزائينرز جو ذڪر ڇو؟

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا جي امير تين ڀارتي بزنس ٽائيڪون مڪيش امباني جي ننڍي پٽ اننت امباڻي جي شادي ۾بالي ووڊ اسٽارز پاڪستاني ڊيزائينرز جي لباسن جي ڌم مچائي ڇڏي.
گذريل ستن مهينن کان جاري اننت امباڻي ۽ رڌيڪا مرچنٽ جي شادي نيٺ پنهنجي پڄاڻي تي پهچي وئي، ان مهانگي ترين شادي ۾ بالي ووڊ اسٽارز سميت راندين ۽ مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ سموري دنيا جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي.
انتت ۽ راڌيڪا جي شادي ۾ بالي ووڊ ستارا هڪ کان مهانگي ۽ دلڪش لباس ۾ جلوا وکيريندي نظر آيا.
عالمي ميڊيا جو ڌيان حاصل ڪندڙ عاليشان شاديءَ ۾ جتي مشهور شخصيتتن ڀارتي ڊيزائنرز جا لباس پهريا اتي شادي ۾ ڪجهه ڀارتي اسٽارز اهڙا به هئا جن پاڪستان جي مشهور ڊيزائنر اقبال حسين، فراز منان ۽ محسن نويد رانجها جا تيار ڪيل لباسن جي چونڊ ڪئي.
بالي ووڊ اسٽار عاليا ڀٽ، سارا علي خان، ڪينيڊين گلوڪارا اي پي ڍلن ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا امباڻي جي شادي ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني ڊيزائنر طرفان تيار ڪيل لباس پهريا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.