برلن ( ويب ڊيسڪ ) فٽبال جي ٻئي سڀ کان وڏي عالمي ايونٽ يورو ڪپ 2024 جي فائنل ۾ اسپين انگلينڊ کي هارائي ڇڏيو .
يورو ڪپ جي 17 هين ايڊيشن جو فائنل آچر جي رات برلن جي اولمپڪ اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويو جنهن ۾ ٽي ڀيرا فاتح رهندڙ ٽيم اسپين پهريون ڀيرو ٽرافي کٽڻ جا خواب ڏسندڙ انگلينڊ کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي چوٿون ڀيرو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
اسپين طرفان نڪو وليمز پهريون گول ميچ جي 47 هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو جنهن کانپوءِ ڪول پالمر 73 هين منٽ انگلينڊ لاءِ پهريون گول ڪري اسپين جي سرسي ختم ڪري ڇڏي.
ميچ جي 86 هين منٽ ۾ اسپين جي مڪيل اويارزابل ٻيو گل ڪري پنهنجي ٽيم کي هڪ ڀيرو وري سرسي ڏياري ڇڏي جيڪا آخر تائين برقرار رهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ اسپين 1964، 2008 ۽ 2012 ۾ يورو ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري چڪو آهي.
You might also like