پيپلز بس سروس بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت نائين ۽ ڏهين محرم الحرام تي پيپلز بس سروس جزور طور بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب، نائين ۽ ڏهين محرم الحرام تي پيپلز بس سروس بند رهندي جڏهن ته ملير هالٽ کان سپر هاءِ وي ويندڙ بس سروس جاري رهندي.
ڪراچي ۾ محرم جي مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي کي حتمي شڪل ڏني وئي، جلوس جي روٽس تي موجود سمورين گهٽين ۽ لنگهن، روڊن کي سيل ڪيو پيو وڃي.
پوليس موجب، سمورن لاڳاپيل گهٽين ۽ روڊن کي ڪنيٽينر ۽ ٻين رنڊڪون لڳائي بند ڪيو پيو وڃي، سولجر بازار، ايم اي جناح روڊ، صدر، ريگل چوڪ کي سيل ڪيو ويو آهي.
ان کانسواءِ تبت سينٽر، جامع ڪلاٿ مارڪيٽ، لائيٽ هائوس جي گهٽين کي سيل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.