اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) جمعت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمد الله سوال ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي هڻڻ جو فيصلو حڪومت جو آهي؟.
پي ٽي آءِ تي حڪومت طرفان پابندي جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي جي يو آءِ اڳواڻ سوال ڪيو ته ڇا ان فيصلي سان سياسي ۽ معاشي استحڪام اچي سگهي ٿو؟ هن فيصلي سان ٽڪراءُ وڌندو يا گهٽجندو؟ فيصلي سان عوام ۽ ملڪ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ فارم 47 جي حڪومت کي ڇا اهڙا فيصلا ڪرڻ جو حق آهي؟
حافظ حمد الله جو چوڻ هو ته ماضي ۾ جن سياسي پارٽين تي پابندي لڳائي وئي اهي اڄ به موجود آهن پر پابندي هڻڻ وارن جو نالو نشان ناهي.
هن چيو ته حڪومت ان فيصلي سان عدالت کي اکيون ڏيکاري رهي آهي يا طاقت جي وڪالت ڪري رهي آهي؟ مسلم ليگ ۽ اتحادي پارٽين جي اهڙن فيصلن سان پردي پٺيان طاقت مضبوط ٿيندي.
Prev Post
You might also like