ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ هڪ همراهه ٻن ڏينهن تائين اسپتال جي لفٽ ۾ ڦاٿل رهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪيرالا رياست جو رهواسي 59 سالن جو رويندرن نيئر ڇنڇر واري ڏينهن طبي معائني لاءِ اسپتال ويو جتي هو اسپتال جي لفٽ ۾ ڦاسي ويو ۽ ٻن ڏينهن تائين لفٽ ۾ بند رهيو جنهن کانپوءِ سومر واري ڏينهن لفٽ کي معمول موجب هلائڻ کانپوءِ متاثر شخص کي ٻاهر ڪڍيو ويو .
مقامي پوليس موجب، رويندرن نيئر ٻڌايو ته هو لفٽ ۾ پهرين ماڙ تي ويو ۽ جڏهن واپس هيٺ آيو ته لفٽ نه کُلي.
پوليس موجب، رويندرن جو فون به بند هو جنهن کانپوءِ هو ٻن ڏينهن تائين لفٽ ۾ ڦاٿل رهيو ۽ سومر واري ڏينهن معمول موجب جڏهن لفٽ کولي وئي ته تڏهن هو ٻاهر نڪتو.
رپورٽ موجب، لفٽ ۾ ڦاٿل همراهه جي گهرڀاتين اسپتال جي عملي سان گڏجي پوليس وٽ گمشدگي جي رپورٽ به داخل ڪرائي هئي.
You might also like