ڀارت ۾ هڪ شادي جي تقريب دوران ماني ۾ گوشت نه ڏيڻ جي ڳالهه تان گهوٽيتن ڪنواريتن تي لتن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪجهه ڏينهن اڳ اتر پرديش رياست جي ضلعي ديوريا ۾ ٿيل هڪ شادي جي تقريب دوران کاڌي جي مينيو ۾ پنير، پلاءُ ۽ مختلف سبزيون شامل هيون جڏهن ته گهوٽيتن کي مبينا طور ڏاج جي صورت ۾ لکين رُپيا به ادا ڪيا ويا.
پر ماني ۾ گوشت ۽ مڇي نه ڏيڻ جي ڳالهه تان گهوٽيتن ۽ سندس مائٽ تپي باهه ٿي ويا ۽ ڪنوار جي گهرڀاتين تي لتن ۽ ٺونشن جو وسڪارو لائي ڏنو ۽ کين لٺيون سان تشدد جو نشانو بڻايو.
واقعي کانپوءِ ڄڃ واپس هلي وئي ۽ شادي ختم ٿي وئي جنهن کانپوءِ ڪنواريتن گهوٽ ۽ ڄاڃين خلاف پوليس ۾ مارڪٽ ۽ ڏاج جو ڪيس داخل ڪرايو.
ڪنواريتن طرفان داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته گهوٽ، سندس پيءُ ۽ ٻين ڄاڃين ماني ۾ گوشت نه ڏيڻ تي گارگند ڪئي جڏهن ان ڳالهه تي بحث ٿيو ته انهن اسان کي لٺين سان مارڻ شروع ڪيو ۽ لتون به هنيون.
ايف آءِ آر ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته گهوٽيتن کي اٽڪل پنج لک رپيا ڏاج طور ڏنا ويا آهن، ٻئي پاسي پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.