اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ڪارڪن صنم جاويد کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ پوليس کي خميس تائين گرفتاري کان روڪندي چيو ته جيڪڏهن ان دوران صنم جاويد هڪ لفظ ڳالهايو ته عدالت پنهنجو آرڊر واپس وٺي ڇڏيندي.
صنم جاويد جي پيءُ ڌيءَ جي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو جنهن جي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي روبرو ٿي، ان سلسلي ۾ وڪيل بيئرسٽر ميان علي اشفاق عدالت جي سامهون پيش ٿيو.
صنم جاويد جي والد استدعا ڪئي ته ڌيءَ کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ ۽ غيرقانوني قيد مان فوري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
هن موقف اختيار ڪيو ته صنم جاويد خلاف ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي ۽ سندس خلاف داخل ڪيسن تي ڪارروائي به روڪي وڃي.
صنم جاويد جي والد درخواست ۾ وفاقي حڪومت، ايف آءِ اي، آءِ جي اسلام آباد ۽ ٻين کي ڌر بڻائيندي صنم جاويد کي گرفتار ڪرڻ يا اغوا واري عمل کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي.
ان تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صنم جاويد کي اسلام آباد کان ٻاهر وٺي وڃڻ کان روڪيندي شام ساڍي پنجين وڳي هاءِ ڪورٽ آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو .
پوليس عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪندي صنم جاويد کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، آءِ جي عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت صنم جاويد کي خميس تائين گرفتارڪرڻ کان روڪيندي کيس گهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
عدالت صنم جاويد خلاف هڪ سال جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته صنم جاويد ان دوران هڪ فلظ ڳالهايو ته عدالت پنهنجو آرڊر واپس وٺندي، خميس تائين صنم جاويد اسلام آباد جي حدن مان ٻاهر نه وڃي.
You might also like