حڪومت پاران پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو، تحريڪِ انصاف جو سخت ردعمل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳوڻ بئريسٽر علي ظفر چيو آهي ته قانون ۾ پابندي جي ڪائي گنجائش ناهي ۽ جيڪڏهن اِها حرڪت ڪئي وئي ته عدالتون موجود آهن، اسان حڪومتي فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ڏينداسين.
پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر علي ظفر چيو ته قانون ۽ اهڙي ڪا به اجازت ناهي ته حڪومت کي ڪا پارٽي پسند ناهي تي ان تي پابندي مڙهي ڇڏي ۽ جيڪڏهن ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن دشمن ملڪ سان گڏجي ڪم ڪندي آهي ته ان تي پابندي لاءِ سپريم ڪورٽ کان اجازت وٺڻي پوندي آهي، سياسي پارٽين تي پابندي جا فيصلا سدائين آمرن ڪيا آهن ڪنهن جهموري حڪومت ناهن ڪيا.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته قانون ۾ پابندي جي ڪا به گنجائش ناهي ۽ جيڪڏهن هي ( حڪومت ) اهڙي حرڪت ڪندي ته عدالتون موجود آهن، انڪري اسان حڪومت فيصلي تي عمل نه ٿيڻ ڏينداسين.
بئريسٽر علي ظفر چيو ته آرٽيڪل ڇهه جي ڳالهه ڪرڻ وارن شايد قانون ناهي پڙهيو، آرٽيڪل 6 جو ڪيس نه ٿو ٺهي سگهي، پارليامينٽ ۾ ٺاهيل قانون کي به عدليا چوندي آهي ته آئين جي خلاف آهي، ڇا انن ميمبرن تي آرٽيڪل 6 لڳندو؟
هن وڌيڪ چيو ته مخصوي سيٽن واري ڪيس ۾ حڪومت کي ڌچڪو لڳڻ کانپوءِ انهن اهڙيون ڳالهيون ڪيون، سپريم ڪورٽ جو جيڪو فيصلو اچي ويو آهي هاڻي اِهو تبديل نه ٿيندو جڏهن ته حڪومت توشا خانا جو هڪ ٻيو ڪيس کڻي آئي آهي، پي ٽي آءِ باني خلاف سمورا ڪيس ختم ٿي ويندا.

#Govt #banPTI #ImranKhan #ArifAlvi
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.