شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي واقعن واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
شاهه محمود قريشي تي 9 مئي تي شادمان ٿاڻي ۾ ڀڃ ڊاهه سميت ٻيا ڪيس داخل آهن، کيس اڄ فردم جرم جي ڪارروائي لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
شاهه محمود قريشيءَ کي اڄ صبح انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ اڊيالا جيل کان لاهور منتقل ڪيو ويو هو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت شاهه محمود قريشي خلاف ڪوٽ لکپت جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت نوَ مئي ڪيس ۾ مٿس فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن کي طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ATC ShahMahmoodQureshi May9case

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.