اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته گارنٽي ڏيان ٿو ته هي آرٽيڪل ڇهه نه ٿا لڳائي سگهن جيڪڏهن آرٽيڪل سڪس لڳو ته حڪومت ۾ ويٺل ڪيترن ئي ماهن تي به لڳندو، جيڪڏهن ڪنهن وٽ نمبر وڌيڪ آهين ته هو بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هاڻ سمارٽ فون ئي سڀ ڪجهه آهي ۽ سڄي زندگي ان موبائيل ڊيوائس ۾ وڌي وئي آهي انڪري موبائيل ڪال رڪارڊنگ جا انتهائي خطرناڪ اثر پوندا، پاڪستان ۾ دنيا جي ڪا به آءِ ٽي ڪمپني ڪاروبار نه ڪندي، جتي ڊيٽا محفوظ نه هوندي اتي سيڙپڪاري ڪير ڪندو؟
هن چيوته جڏهن ڪو ملڪ ۾ اهڙي قسم جو پابنديون لڳائيندو آهي يا ڊيٽا تائين ڪا پهچ ڏيندو آهي ته ان تي تفصيلي بحث مباحثو ٿيندو آهي، جيڪا ڊيٽا موبائيل ڊيوائس ذريعي حاصل ٿيندي ڇا اِها شهادت واري قانون مطابق آهي ؟ اِهو سوال پنهنجي جاءِ تي موجود آهي.
شاهد خاقانا چيو ته هڪ ٻيو قانون به موجود آهي، جيڪو پيپلز پارٽي 2013 جي آخر ۾ ٺاهيو هو ۽ هاڻ پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت آهي جن نوٽفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، 2013 جو ايڪٽ هڪ تفصيلي قانون آهي جنهن ۾ ٽيلي فون ٽيپنگ جو پورو ميڪنزم ڏنو ويو آهي، ان ۾ 39 سيڪشن آهي جنهن ۾ آءِ ايس آءِ، آءِ بي، پوليس ۽ ٻين ملٽري ادارن کي اِها پهچ ڏني وئي هئي جنهن جي شروعات 20 هين گريڊ جو آفيسر ڪندو ان کانپوءِ باظابطا پراسيس جي اجازت ملندي هئي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ان قانون تحت فون ٽيپ ڪرڻ جي اجازت هاءِ ڪورٽ جو جج ڏيندو هو جيڪا سٺ ڏينهن کان وڌيڪ نه هوندي هئي، پوءِ ڪيس جو ڪابينا جي ٽي رڪني ڪميٽي جائزو وٺندي هئي جيڪو هڪ تفصيلي ميڪنزم هو، هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي 18 هين گريڊ جي آفيسر کي سڀ اختيار ڏنا ويا آهن اهڙي قسم جو نظام دنيا ۾ ناهي هلندو.
شاهد خاقان مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي چيو ته ججن جيڪو فيصلو ڏنو اِهو سولو فيصلو آهي قانون واضح آهي ته جيتريون سيٽون جنهن کٽيون آهن ايتريون سيٽون سندس حق آهي، فيصلي سان سپريم ڪورٽ پنهنجي ڪجهه ڏوهه ڌوئي ڇڏيا آهن، پارلياماني ۽ جهموري قدرن موجب ائين ئي ٿيندو آهي، اِها ڳالهه پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ ويٺل ماڻهو ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا پر فيصلن تي جيڪڏهن حڪومت پريس ڪانفرنس ڪري ته سٺي ڳالهه ناهي ڳالهه ڪرڻي آهي ته پاليامينٽ ۾ ڪريو.
هن چيو حڪومت هاڻي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائي پئي وڃي وزيرن کي احساس نه آهي حڪومت ڪنهن پارٽي تي پاندي نٿي مڙهي سگهي، آرٽيڪل ڇهه لڳائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، گهڻيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن، آرٽيڪل ڇهه لڳوته پوءِ حڪومت ۾ ويٺلن سميت ڪيترن تي ئي لڳندو.
شاهد خاقان چيو ته جيڪڏهن عمران خان غلطيون ڪيو يا ظلم ڪيو ته اوهان به ساڳيو ئي ڪم ڪندئو؟ نوَ مئي کي هڪ سال سئو مهينا گذري چڪا آهن هڪ شخص کي اڃا تائين پراسيڪيوٽ ناهي ڪيو ويو، جڏهن هڪ فيصلو آيو ته انهن جي ٽن ڏينهن کانپوءِ پابندي لڳائڻ جون ڳالهيون شروع ڪيون ويون، ادارن وچ ۾ ٽڪراءُ کان پاسو ڪيو وڃي.
هن چيو ته حڪومت جو پنهنجو مينڊيٽ شڪي آهي، سياسي پارٽي جو مقابلو رڳو پولنگ اسٽيشنز تي ٿيندو آهي، پولنگ اسٽيشنز کان ٻاهر ويندئو ته معاملا خراب ٿيندا، نيشنل ازم ۽ جهموريت نه هوندي ته ڪجهه نه هوندو.