اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ نون سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽون تحريڪِ انصاف کي ڏيڻ جو فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي.
ن ليگ طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ سني اتحاد ڪائونسل حامد رضا ۽ اليڪشن ڪميشن سميت 11 پارٽين کي ڌر بڻايو ويو آهي، جڏهن ته درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي 12 جولاءِ واري فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪجهه نڪتن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو بلڪل خاموش آهي، مثال طور ڇا سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن؟ فيصلو خاموش آهي، ڇا اهڙي پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن جنهن لسٽ ئي جمع ناهي ڪرائي؟ فيصلو خاموش آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ڇا آزاد اميدوار اهڙي پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا جنهن جو هڪ به کٽيل اميدوار اسيمبلي ۾ موجود ناهي؟ ڇا سيٽن کي خالي ڇڏيو وڃي يا ان پارٽين ۾ ورهايو وڃي جن چونڊن ۾ حصو ورتو ؟ سپريم ڪورٽ کوڙ سارن نڪتن کي ٻڌو پر مختصر فيصلي ۾ ڪيئي اهم نڪتن تي خاموشي آهي.
ياد رهي ته سپريم ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست تي مختصر فيصلو ٻڌائيندي اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ڪالعدم قرار ڏيندي سيٽون تحريڪِ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.
PTI SIC PMLN SC