پنجاب ۾ ميمبرن کي حلف نامي تي صحيح نه ڪرڻ لاءِ هراسان ڪيو پيو وڃي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان الزام لڳايو آهي ته حڪومت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي  جي ميمبرن تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي حلف نامي تي صحيح نه ڪرڻ لاءِ مقامي انتظاميا جي آفيسرن ذريعي دٻاءُ وجهي رهي آهي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پنجاب جي مختلف ڊويزنن جي ڪمشنرن اسان جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي فون ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي حلف نامي تي دستخط نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ٿي ويو. هن چيو ته شهباز شريف ۽ مريم نواز طرفان کيس وزارتن ۽ ٻين لالچن جي آڇ ڪئي پئي وڃي ۽ دعويٰ ڪئي ته وٽس ڪمشنرن جا نالا ۽ ثبوت آهن. عمر ايوب چيو ته هي انهن سرڪاري ملازمن لاءِ واضح ڊيڄاريندڙ آهي جيڪي غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا نالا سامهون رکي انهن کي شرمندو ڪندس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.