پ پ چيئرمين جو ميڊيا ڪو آرڊينيٽر نذير احمد ڌوڪي لاڏاڻو ڪري ويو

گمبٽ (ن ع آ) پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر نذير احمد ڌوڪي ڦڦڙن جي بيماري سبب گمس اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ پير ڳوٺ روانو ڪيو ويو.نذير احمد دوڪي ٻن مھينن کان گمس اسپتال ۾ علاج هيٺ هو، ڪجھه ڏينھن کان وينٽيليٽر تي ھو جيڪو گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو. سندس مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. نذير احمد ڌوڪي پاڪستان پيپلز پارٽي جو وفادار ۽ شھيد ڀٽو جي نظرئي جو شيدائي ھو. هن ايم آر ڊي  تحريڪ دوران سختين کي برداشت ڪيو.  1988 ۾ شھيد محترما بينظير ڀٽو کيس اسلام آباد پيپلز سيڪريٽريٽ ۾ قائم ميڊيا سيل جو ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو هو. ھن وقت پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ھو.

  • نذير ڌوڪي جي لاڏاڻي تي پ پ قيادت پاران ڏک جو اظهار

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ چيف ميڊيا ڪو آرڊينيٽر نذير ڌوڪي لاڏاڻو ڪري ويو. پيپلزپارٽي جي عورت اڳواڻ شازيا مري چيف ميڊيا ڪو آرڊينيٽر جي لاڏاڻي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هن بينظير ڀٽو جي ميڊيا ٽيم جي ميمبر جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو، نذير ڌوڪي جي خدمتن کي پيپلزپارٽي ڪڏهن نه وساريندي. صدر آصف علي زرداري نذير ڌوڪي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي. هن مرحوم لاءِ مغفرت ۽ گهرڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاهه پيپلزپارٽي اڳواڻ نذير ڌوڪي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير چيو ته نذير ڍوڪي جي لاڏاڻي جو ٻڌي ڏک ٿيو، مرحوم نذير ڍوڪي بهترين انسان ۽  هڪ وفادار جيالو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.