اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ عمر ايوب خان الزام لڳايو آهي ته حڪومت قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن تي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شموليت جي حلف نامي تي صحيح نه ڪرڻ لاءِ مقامي انتظاميا جي آفيسرن ذريعي دٻاءُ وجهي رهي آهي. سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پنجاب جي مختلف ڊويزنن جي ڪمشنرن اسان جي قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي فون ڪري پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي حلف نامي تي دستخط نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ٿي ويو. هن چيو ته شهباز شريف ۽ مريم نواز طرفان کيس وزارتن ۽ ٻين لالچن جي آڇ ڪئي پئي وڃي ۽ دعويٰ ڪئي ته وٽس ڪمشنرن جا نالا ۽ ثبوت آهن. عمر ايوب چيو ته هي انهن سرڪاري ملازمن لاءِ واضح ڊيڄاريندڙ آهي جيڪي غير قانوني ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جا نالا سامهون رکي انهن کي شرمندو ڪندس.