جهنگ (م ڊ ) جهنگ مان سني اتحاد ڪونسل جو قومي اسيمبلي ميمبر صاحبزاده امير سلطان کي نامعلوم ماڻهن اغوا ڪري ورتو. پي ٽي آءِ لاهور جي جنرل سيڪريٽري حافظ ذيشان رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته اين اي 110 جهنگ مان ايم اين اي صاحبزاده امير سلطان کي نامعلوم ماڻهن کيس سندس گهر مان اغوا ڪري ورتو آهي. عدالتي فيصلي کان پوءِ اسان جا ايم اين اي به غير محفوظ آهن. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر به چيو آهي ته اسان جي جهنگ مان ايم اين اي امير سلطان کي رات دير سان اغوا ڪيو ويو آهي. عدليه جي فيصلي تي حڪومت تڪرار طرف وڌي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن کي وفاداري تبديل ڪرڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. اوهان پاڪستان کي ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون، ملڪ خطرن هيٺ آهي اسان قانوني جدوجهد جاري رکنداسين. اسد قيصر چيو ته ملڪ ۾ ڌانڌلي واري چونڊ ٿي آهي جنهن ۾ چيف اليڪشن ڪميشن جو اهم ڪردار آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ اليڪشن ڪمشنر کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.