اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪن صنم جاويد کي آزاد ڪرڻ بعد ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب صنم جاويد کي اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو آهي. آزاد ٿيڻ کان هڪ ڪلاڪ پوءِ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. وڪيل علي اشفاق صنم جاويد جي گرفتاري جي تصديق ڪندي چيو ته صنم جاويد کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد پوليس گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته اسان صنم جاويد کي بغير مزاحمت جي پوليس حوالي ڪيو، قانون جي احترام ڪندڙن جو اهو رويو هجڻ گهرجي جيڪو اسان ڪيو. ان کان اڳ اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ صنم جاويد کي وفاقي جاچ اداري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو هو. عدالت مان آزاد ٿيڻ بعد هوءَ وڪيلن سان گڏ هلي وئي. واضح رهي ته صنم جاويد کي 10 مئي 2023 تي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کي 14 مهينا 4 ڏينهن جيل ۾ گذارڻ بعد آزاد ڪيو ويو هو.