نوشهرا(م ڊ) نوشهرا ۾ موٽرسائيڪل سوار جوابدارن جي فائرنگ ۾ مقامي صحافي مارجي ويو. ضلعي پوليس آفيسر نوشهرا اظهر خان موجب فائرنگ جو واقعو اڪبرپوره ۾ پيش آيو، جتي موٽرسائيڪل سوار جوابدارن صحافي ملڪ حسن زيب کي نشانو بڻايو. ڊي پي او اظهر خان موجب فائرنگ ۾ صحافي ملڪ حسن زيب مارجي ويو، مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو. سينيئر صحافي کي قتل ڪرڻ بعد جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.