پاڻ جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا ان ملڪ کي هلائيندڙ پردي جي پويان ويٺل ملائڪ خبر ناهي هن ملڪ کي ڪاڏي وٺي وڃڻ گهرن ٿا جو ڏينهون ڏينهن ملڪ جون حالتون سڌرڻ بجاءِ خراب ٿينديون پيون وڃن ۽ ملڪ اندر پيدا ٿيل انتشار ختم ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏيهن وڌندو پيو وڃي 12 جولا تي سپريم ڪورٽ پاران مخصوص سيٽن جو فيصلو پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏيڻ سان ۽ پي ٽي آءِ کي ٻيهر پارليامينٽ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ اڃان وڌيڪ انتشار پيدا ٿي ويو آهي جنهن ڪري وزيراعظم ميان شهباز شريف هاڻي کلي چوي پيو ته ملڪ اندر ٽيڪس ۾ سڌارا آڻڻ واري دٻاءُ ۾ نه ايندس ۽ ايف بي آر سڌا را نه آندا ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس ان حوالي سان ملڪ جي سياست تي نظر رکندي تجزئي نگار چون ٿا ته مسلم ليگ ن جي سموري سياست وزيراعظم جي ڪرسي مٿان قربان ڪندڙ شهباز شريف کي اهڙي ڪهڙي مجبوري ٿي آهي. جو هو استعيفيٰ ڏيڻ جي ڳالهه پيو ڪري ۽ صدر آصف علي زرداري تازو لاهور جي دوري دوران اهي لفظ ڇو چيا ته کيس حڪومت جوڙڻ ۽ ڊاهڻ ايندي آهي. ۽ پنجاب جي وڏي وزير طور ڪم ڪندڙ مريم نواز سندس استقبال ڪرڻ جي لاءِ ڇو ڪونه آئي ان سموري ڪهاڻي جي پويان تخت لاهور مٿان حڪمراني ڪرڻ وارو جهيڙو پ پ ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ 8 فيبروري 2024 ۾ ٿيل چونڊن کان پوءِ وجود ۾ آيل حڪومت کان شروع ٿي چڪو آهي.
پنجاب ۾ مريم نواز جي ويجهو رهندڙ ۽ ان جي ٽيم طور ڪم ڪندڙ ڪافي آفيسرن کي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران هٽائڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پاران کين ڪنهن به صورت ۾ پنجاب صوبو نه ڇڏڻ وارين هدايتن کان پوءِ ڏينهون ڏينهن حالتون بهتر ٿيڻ بدران خراب ٿينديون پيون وڃن ۽ مٿان وري سپريم ڪورٽ جو فيصلو پي ٽي آءِ جي حق ۾اچڻ سان هاڻي مسلم ليگ ن جو سربراهه ميان نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز وفاقي حڪومت ڇڏڻ وارو فيصلو ڪري چڪا آهن ان فيصلي کان وزيراعظم ميان شهباز شريف کي پڻ آگاهه ڪري کيس عتماد ۾ ورتو ويو آهي. جيڪو پڻ ملڪ جون حالتون ڏسي پنهنجي پارٽي کي بچائڻ لاءِ ڪرسي جي قرباني ڏئي سياسي شهيد ٿيڻ ٿو چاهي ان ڪري وزيراعظم شهباز شريف استعيفيٰ جون ڳالهيون ڪري پيو باقي رهي ڳالهه هن ملڪ اندر ٽيڪس ۾ سڌارا آڻڻ جي ته اهي سڌارا ايف بي آر جو چيئرمين ڇو آڻيندو جنهن سموري ملڪ اندر هٿ سان ٽيڪس وصول ڪرڻ واري اداري کي صرف اسٽيبلشمينٽ جي رحم ڪرم تي هلڻ وارو ادارو بڻائي ڇڏيو آهي.
آخر هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ چاهي ڇاٿي جو پوري دنيا جا ملڪ پاڪستان جي قرض وٺڻ جي لاءِ ويندڙ حڪمرانن کي باربار اهو مهڻو ڏيندي دير نٿا ڪن ته پهريا وڃو وڃي پهنجو ملڪ صحي ڪري اچو ۽ ملڪ ۾ ٽيڪس وصولي وارو سسٽم بهتر بڻايو پوءِ اسان ڏي اچو ۽ هاڻي ساڳي ڳالهه قرض ڏيندڙ عالمي ادارو آءِ ايم ايف به چئي ٿو ۽ اسان جا موجوده حڪمران لکي ڏئي آيا آهن ته هو ملڪ مان وڌيڪ ٽيڪس جي رقم جمع ڪندا جنهن تحت آءِ ايم ايف 7 ارب ڊالرن جو قرض ڏيندي ۽ پاڪستان جي حڪومت ٽن سالن اندر ملڪ مان 3هزار 7 سئو 24 ارب رپين جا عوام مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙهي اها رقم جمع ڪندي ان ڪري به مسلم ليگ ن سموري ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ پنهنجي حامي ۽ پارٽي جي هر ڏکي دور ۾ سپورٽ ڪندڙ واپارين کي سخت ٽيڪس ڏيڻ واري ايندڙ مرحلي کان بچائڻ لاءِ به هٿ پير هڻي پئي ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ وري پنهنجي انهن ڪرپٽ ڪامورن کي ٽيڪس ڏيڻ کان بچائڻ گهري ٿي جن ڪامورن کان هر حڪومت جي خلاف اصل واڳ ڌڻي ڪم وٺندا آهن باقي رهيو مسڪين غريب هن ملڪ اندر جيڪو هاڻي وڌيڪ ٽيڪس ڀرڻ جي پوزيشن ۾ بچيو ناهي ان ڪري جيڪا مهانگائي ايندڙ ڪجهه مهينن دوران ٿيڻ واري آهي اها مسڪين پورهيت کان جيڪو هن وقت ڏکي صورتحال ۾ ٻن ويلن جو ماني جو ڳڀو کائي ٿو اهو به کسي وٺندو ۽ جيڪي لکين ماڻهو بيمار آهن انهن وٽ دوائون خريد ڪرڻ جيترا پيسا به ڪونه هوندا ڇو ته هن ملڪ اندر رهندڙ مسڪين پورهيت هاري مزدو کان کائڻ پيئڻ پائڻ رهڻ هلڻ تي ٽيڪس وصول ڪندڙ هر دور جا ساڳيا حڪمران ۽ اسٽيبلشمينٽ هاڻي باقي ڪهڙو ٽيڪس وصول ڪندي ان ڪري ملڪ جي اندر واپارين جي سياسي پارٽي مسلم ليگ ن ۽ اسٽيبلشمينٽ آمهون سامهون ٿي ويا آهن مسلم ليگ ن جو سربراهه ميان نواز شريف اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته هو واپارين مٿان وڌيڪ ٽيڪس مڙهڻ کان بهتر آهي ته حڪومت ڇڏي ڏئي ۽ آصف زرداري پنهنجي ٽيم جوڙي وڃي وفاق ۾ به حڪومت هلائي ان ڪري سڄي ملڪ جيان سنڌ اندر مهانگائي جهڙي نموني سان وڌي وئي آهي. مسڪين ماڻهو جيڪو روز ڏهاڙي تي ڪمائي ٿو اهو مزدور ۽ هاري گهر جي چلهه ٻارڻ جي لاءِ پريشان آهي .جيڪڏهن اٽو وٺي ٿو ته ڀاڄي نٿو وٺي سگهي ۽ جيڪڏهن ڀاڄي وٺي ٿو ته گيهه ۽ تيل نٿو وٺي سگهي ان ڪري گهڻي ۾ گهڻو مهانگائي کي منهن مزدور پورهيت ۽ هاري ڏئي رهيو آهي .جن جي گهرن اندر هڪ ويلي جي چلهه ٻري ٿي ته ٻئي ويلي جي نه ٿي ٻري هن مهانگائي جي ڪري جيڪڏهن ڪو گهر جو ڀاتي بيمار ٿي پوي ٿو ته ڪوشش ڪئي ٿي وڃي ته بنا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ٺيڪ ٿي وڃي پر جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿيو ته مهينو کن کٽ تي پيو هوندو آهي هڪ طرف بک ٻئي طرف بيماري هنن مسڪين پورهيت ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏيو آ جيڪو ڏينهن جو ڪمائي ٿو ۽ رات جو ننڊ نٿو ڪري جنهن جي ڪري هلي هلي اهو پورهيت ويچارو پنهنجي گهر جي حالات ڏسي ذهني مريض بڻجي ٿو وڃي ۽ اهڙا سڄي سنڌ اندر هزارين پورهيت ۽ مزدور آهن جيڪي پنهنجي زندگي جا ڏکيا ڏينهن گزاري رهيا آهن ..جنهن ڪري ملڪي معشيت مٿان پنهنجون نظرون رکيو ايندڙ معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته تازو آءِ ايم ايف سان ٿيل ٺاهه کان پوءِ ايندڙ ڪجهه مهينن اندر مهانگائي ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو جيڪڏهن واقعي اڄ جهڙي مهانگائي آهي ان ۾ ڪجهه مهينن اندر اڃان وڌيڪ واڌ اچي ٿي وڃي ته پوءِ انهن مسڪين غريب ماڻهون جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي روز ڪمائن ۽ روز کائن ٿا هن وقت انهن جي گهر ن اندر چلهه ڪئين ٻري ٿي ان تي حڪومت ۾ ويٺل انهن وزيرن سميت سينٽ ،قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ايوانن اندر انهن پهتل نمائندن کي ڪهڙي خبر جيڪي اربين ،ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پوءِ ميمبر ٿيندا آهن. انهن کي اها به خبر ناهي هوندي ته هن وقت مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جون شيون جيڪي ٻيڻ تي مهانگيون ٿي ويون آهن .جنهن سان مسڪين ماڻهن جي گهرن جي چلهه ٻرڻ مشڪل ٿي وئي آهي .۽ اهو به سچ آهي ته انهن ايوانن اندر غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي نمائدن جو نه هجڻ هڪ حقيقت آهي . جنهن جي ڪري ايوانن اندر مهانگائي تي ڪير ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهي ،ڇو ته هن حڪومت اندر ويٺلن تي ڪا معيار ناهي هيءُ ويچار پنهنجي حڪومت کي اڳين حڪومت کان بهتر سڏي سموري مهانگائي جو ذميوار اڳئي حڪومت کي سڏيندا آهن ان ڪري هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر ملڪ جو موجودهه وزيراعظم ميان شهباز شريف استيعفيٰ ٿو ڏئي جا اڃان وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪري مسڪين ماڻهن کان ماني جو گره کسي ٿو