ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙپرڏيهه ۾پر اسرار نموني گم ٿيل نوجوانن بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.
حيدرآباد جي علائقي ڦليلي سان واسطو رکندڙ 3 نوجوان پرڏيهه ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويا هئا.
ڪيئي مهينا گذري وڃڻ باوجودٽنهي نوجوانن جي گهر ۾ ماتم وارا منظر آهن.
گم ٿيل نوجوان شهروز حيدرآباد جي علائقي ڦليلي جو رهواسي آهي، جڏهن ته فراز نيو ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ ڪاشف حسين هالا ناڪي جو رهندڙ آهي.
پر هاڻ پرڏيهه ۾ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوانن بابت ڇرڪائيندڙ حقيقت سامهون آئي آهي
ڪاشف جي والد عاشق حسين موجب، سندس پٽ پنهنجي دوستن سان 19 فيبروري تي ٻاهرين ملڪ ويو، شورعاتي ڏينهن ۾ هو رابطي ۾ رهيو، ٿائلينڊ مان پٽ فون ڪري ٻڌايو ته کيس هڪ سٺي ملازمت جي آڇ ٿي جنهن بعد هو برما وڃي رهيو آهي.
عاشق حسين ٻڌايو ته ٻن مهينن کانپوءِ جڏهن پٽ جو فون آيو ته هن ٻڌايو ته هنن کان برما ۾ غيرقانوني ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انڪار ڪرڻ تي کين ڪيئي ڀيرا تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي.
ٻئي پاسي گجرات سان واسطو رکندڙ نوجوان زين جي والد ٻڌايو آهي ته هڪ دوست جي چوڻ تي نوڪري لاءِ پٽ ٿائيلنڊ موڪليو، ڪجهه مهينن کانپوءِ پٽ ٻڌايو ته ميانمار ۾ هڪ ڪمپني ۾ ڦاسي پيو آهي، جتي کيس تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏهن شاهد، زين سان گڏ منڊي بهاوالدين جو نوجوان محمد عامر به گڏ آهي.
گم ٿيل نوجوانن جي وارثن جو مطالبو آهي ته حڪومت نوجوانن جي وطن واپسي لاءِ جوڳا قدم کڻي سندن واپسي يقيني بڻائي بيچني ختم ڪري.
پرڏيهه ۾ پراسرار نموني گم ٿيل حيدرآباد واسين سان برما ۾ غير انساني سلوڪ، مدد جي اپيل
You might also like