پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ جي بحالي 16 ورهين کانپوءِآءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني ملڻ بعد ڀارت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ پاڙيسري ميڊيا جي دعويٰ آهي ته ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي، جڏهن ته ميگا ايونٽ جون ڪجهه ميچون هائبرڊ ماڊل تحت گڏيل عرب رياستن يا وري سريلنڪا۾ ٿينديون.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ 2012 کان ڪا به ٻطرفي سيريز ناهي کيڏي وئي ۽ ڀارتي ٽيم آخري ڀيرو 2008 ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو.
آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ايندڙ سال فيبروري کان مارچ تائين پاڪستان جي ميزباني هيٺ کيڏي ويندي جنهن ۾ ميزبان پاڪستان کانسواءِ، ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، انگلينڊ، نيوزيلينڊ، آسٽريليا، بنگلاديش ۽ افغانستان جون ٽيمون شامل آهن.
پاڪستان چيمپيئنز ٽرافي جو شروعاتي شيڊيول پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن تحت ڀارت جون سموريون ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ رکيون ويون آهن.
ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جو مقابلو پهرين مارچ تي لاهور ۾ رٿيو ويو آهي، پر ڀارت هڪ ڀيرو وري پاڪستان خلاف پنهنجا سازشي حربا استعمال ڪرڻ لڳو آهي.
چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي شرڪت جي حوالي سان ڏاڍي دلچسپ صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڀارت وٽ ٻه آپشن بچن ٿا هڪ ته هو پاڪستان اچي کيڏي يا وري هو هائبرڊ ماڊل ڏانهن وڃي.
ذريعن موجب، ڀارت هائبرڊ ماڊل لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهي ته پنهنجو ميچون دبئي کيڏي پر شايد ائين ممڪن نه آهي ڇو ته ٻيو ٽيمون گهڻو سفر ڪرڻ تي ترجيح نٿيون ڏين.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پر پي سي بي به ان معاملي تي پر ٻيو ۽ اهم آپشن اِهو آهي ته ڀارتي ٽيم هر ميچ لاءِ ڀارت کان پاڪستان ايندي.
ذريعن موجب، ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي لاءِ امرتسر جي ايندي ريڊيسن بلو هوٽل ۾ ترسندي جيڪو واگها بارڊر کان 32 ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي شايد انڪري ئي ڀارت پنهجون سموريون ميچون لاهور ۾ رکرايون آهن .
ذريعن جو چون آهي ته اِهو آپشن شايد ٻنهي ملڪن لاءِ قبول ڪرڻ جوڳو هوندو ۽ ڀارت ان تي عمل ڪندو ڇو ته هي ايشيا ڪپ نه آءِ سي سي ايونٽ آهي، انڪري ڀارت انڪار نٿو ڪري سهگي.
ٻئي پاسي ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) چيميپيئز ٽرافي لاءِ ڀارتي ٽيم جي پاڪستان نه اچڻ ۽ هائبرڊ ماڊل جون خبرون رد ڪري ڇڏيون آهن.
ڀارتي بورڊ جي اختيارين خبرن تي ردعمل ڏيندي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ نيوٽرل وينيو جي خبرون سان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.
بي سي سي آءِ جي نائب صدر راجيو شڪلا چيو ته هو خبر ناهي اهڙيون خبرون ڪٿان آيون آهن، بي سي سي آءِ ان حوالي سان باظابطا طور فلحال ڪو به ناهي ڏنو.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي جون ميچون کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي، جڏهن ته ميگا ايونٽ جون ڪجهه ميچون هائبرڊ ماڊل تحت ٿينديون.
You might also like