حڪومت ۽ فلور مل مالڪن ۾ ڳالهيون ڪٿي پهتيون؟ اهم خبر

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) فلور ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومت ۾ ڊيڊ لاڪ ختم ٿي ويو، ڪامياب ڳالهين کانپوءِ فلور مالڪن ڪيئي ڏينهن کان جاري هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
فلور ملز ايسوسيئيشن ۽ حڪومتي وزيرن وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي جنهن ۾ ايف بي آر جا عملدارن به شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.
حڪومت سان ڪامياب ڳالهين کانپوءِ فلور ملز ايسوسيئيشن ڪيئي ڏينهن کان جاري هڙتال ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
وزيراعظم فلور ملز سان ڳالهين جو ٽاسڪ وفاقي وزير احمد چيما کي سونپيو هو، ملاقات ۾ ناڻي وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ به شامل هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.