کٽمندو (ويب ڊيسڪ)نيپال جو وزيراعظم پشپا ڪمار داهل پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، گذريل ڏينهن نيپال جي پارليامينٽ ۾ وزيراعظم پشپا ڪمار داهل خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي وئي هئي.
اعتماد جو ووٽ کٽڻ لاءِ پشپا ڪمار داهل گهٽ ۾ گهٽ 138 ميمبرن جي حمايت گهربل هئي، نيپالي وزيراعظم 275 ميمبرن جي ايوان ۾ رڳو 63 ووٽ حاصل ڪيا.
نيپال جي وزيراعظم کي مخالفت ۾ 194 ووٽ مليا، نيپالي وزيراعظم پاران پارليامينٽ مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ سياسي اڳواڻ ڪي پي شرما اولي جي سربراهي ۾ نئين اتحادي حڪومت ٺاهي ويندي.
You might also like