واٽس ايپ هاڻ اوهان جي ٻوليءَ ۾، نئين فيچر ۾ ٻيو ڇا آهي؟

ميٽا جي ميسجنگ ايپ واٽس ايپ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي واهپيدارن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي.
واٽس ايپ پنهنجي وڌندڙ واهپيدارن کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، واٽس ايپ ٻوليءَ جي فرق کي گهٽائڻ لاءِ اِن ايپ ٽرانسليشن فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي، نئين تبديلي ذريعي واٽس ايپ گوگل لائيو ٽرانسليٽ فيچر کي واٽس ايپ ۾ ۾ ضم ڪرڻ جي رٿابدي ڪري ڪري رهيو آهي.
ان فيچر ذريعي واٽس ايپ واهپيدار ڪنهن ٻي ايپ جو استعمال ڪرڻ کانسواءِ ئي هاڻ پرڏيهين جا موڪليل پيغام سولائي سان پڙهي سگهندا.
رپورٽ ۾ موجب، نئون فيچر آن ڊيوائس پراسيسنگ ذريعي ۽ گوگل جي لائيو ٽرانسليشن ٽيڪنالوجي جو استعمال ڪندي ڪم ڪندو، فيچر ذريعي صارف جي ڊيٽا ڪلائوڊ سرور تي موڪلڻ بدران ايپ ۾ ئي اسٽور ٿي ويندي جنهن کانپوءِ واهپيدار پنهنجي پيغامن جو ترجمو ڪرڻ جي قابل ٿي سگهندا.
نئين فيچر تائين پهچ لاءِ واهيپدارن کي لينگويج پئڪيج ڊائون لوڊ ڪرڻو پئجي سگهي ٿو جڏهن ته فيچر ابتدائي طور انگريزي ۽ هندي ٻولي تائين محدود هوندو پر واٽس ايپ انتظاميا مستقبل کي نظر ۾ رکندي فيچر ۾ وڌيڪ ٻولين کي به شامل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
ٻڌايو پيو وڃي ته نئون فيچر واٽس ايپ جي بيٽا ورزن 2.24.15.8 تي دستياب هوندو، واهپيدار هڪ ڀيرو گهربل ٻولي ڊائون لوڊ ڪرڻ کان کانپوءِ آف لائين هوندي به پيغام جو ترجمو ڪري سگهندا.
ٻئي پاسي افواهه آهن ته فيچر ذريعي ميسجز جو ترجمو پاڻمرادو ٿيندو، مثال طور واهپيدارن کي ٽيڪسٽ پيغامن جو ترجمو حاصل ڪرڻ لاءِ ايپ کان ٻاهر نه وڃڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.