عمران خان ۽ بشريٰ بي بي نيب ڪيس ۾ گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عدت ڪيس ۾ بري ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي نيب ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون جي سربراهي ۾ نيب ٽيم اڊيالا جيل پهتي جتي اڳوڻي وزيراعظم ۽ سندس گهرواري کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
نيب ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي نئين توشاخانا ريفرنس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، وزيراعظم طور عمران خان ۽ سندس گهرواري توشاخانا مان تحفا حاصل هئا جيڪي گهٽ قيمت تي حاصل ڪري مهانگن اگهن تي وڪرو ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب ٽيم قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ان کان اڳ لاهور ۾ داخل 9 مئي جي ڪيسن جي جاچ ڪندڙ ٽيم به اڊيالا جيل پهتي هئي، لاهور وارن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.