آسٽريليا کي شڪست، ڊبليو سي ايل جو فائنل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو

نارٿمپٽن (ويب ڊيسڪ ) ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انڊين چيمپيئنز آسٽريليا چيمپئنز کي 86 رنسن تان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
نارٿمپٽن ۾ کيڏيل ٻئي سيمي فائنل ۾ ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 254 رنسون ٺاهيون.
روبن اُٿاپا، يوراج سنگهه، عرفان پٺاڻ ۽ يوسف پٺاڻ ففٽيون اسڪور ڪيون، آسٽريليا طرفان پيٽر سڊل چار وڪيٽون ورتيون.
255 رنسن جي جواب ۾ آسٽريليا جي سموري ٽيم مقرر اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 168 رنسون ٺاهي سگهي ۽ اهڙي ريت ڀارت ميچ 86 رنسن تان کٽي ميگا ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
ورلڊ چيمپيئن شپ آف ليجنڊز جو فائنل روايتي مخالف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو.

WCL PakvsInd YounisKhan YuvrajSingh

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.