ڪئيممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڪپتان روهت شرما مڪيش امباڻي جي پٽ جي شادي ۾ شرڪت بدران ومبلڊن سيمي فائنل ڏسڻ انگلينڊ پهچي ويو .
ممبئيءَ ۾ گذريل ڏينهن ڀارت جي امير ترين شخصيت مڪيش امباڻي جي ننڍي پٽ اننت امباڻي، راڌيڪا مرچنٽ شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، امباڻي خاندان جي شادي جي آجياڻي واري تقريب ڪنونشن سينٽر ۾ ٿي جتي بالي ووڊ سميت هالي ووڊ جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي.
اننت ۽ راڌيڪا جي شادي جي تقريب ۾ ڀارت جا نامور ڪرڪيٽ به شريڪ ٿيا، جنهن ۾ اڳوڻو ڀارتي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني، گوتم گمڀير، جسپريت بمرا، سوريا ڪمار ياديو، هاردڪ پانڊيا ۽ ڪي ايل راهول سميت ٻيا شامل هئا.
پر ان دوران آءِ پي ايل فرنچائز ممبئي انڊينز جو اڳوڻو ڪپتان روهت شرما سينٽر ڪورٽ ۾ ومبلڊن جو سيمي فائنل ڏٺو.
روهت شرما سان گڏ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر دنيش ڪارٿڪ به پنهنجي اسڪواڊ چيمپيئن گهرواري دپيڪا سان گڏ سيمي فائنل مقابلو ڏٺو.
واضح رهي ته امباڻِ خاندان جي آءِ پي ايل فرنچائز ممبئي انڊينز جو روهت شرما ڪيئي ورهين تائين ڪپتان رهيو سندس قيادت ۾ ممبئي پنج ڀيرا آءِ پي ايل فاتح رهي پر هلندڙ سال سندس جاءِ تي هاردڪ پانڊيا کي ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو جنهن تي اڳوڻن ڪرڪيٽرن سميت مداحن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.
IPL Mumbai RohitSharma ambanisonmarriage