ورلڊ ڪپ آمريڪا ۾ ڪرائڻ جو تجربو ناڪام، آءِ سي سي جي اهم عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

دبئي (ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ بد انتظامين تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ٻن اهم عهديدارن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي .
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، هيڊ آف ايونٽس ڪرس ٽيٽلي ۽ جي ايم مارڪيٽنگ اينڊ ڪميونيڪيشن ڪليئر فرلانگ پنهنجي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. ٻنهي عهديدارن 19 جولاءِ کان ڪولمبو ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي سالياني اجلاس کان اڳ استعيفيٰ ڏني.
رپورٽ موجب، آءِ سي سي جي ٻن عهديدارن جاچ جي مطالبي تي استعيفيٰ ڏني جڏهن ته ڪرڪيٽ جي عالمي باڊي استعيفائن جي حوالي سان ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ سٺو تاثر قائم نه ڪري سگهيو ۽ ڪيئي بورڊ ميمبرن شڪايت ڪئي.
رپورٽ موجب، هڪ آءِ سي سي ڊائريڪٽر پنڪج خمجي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي اوور بجٽنگ تي جاچ جومطالبو ڪيو ۽ خرچ وڌائڻ واري معاملن جو جائزو وٺڻ ۽ آڊٽ ڪرائڻ لاءِ خط لکيو جيڪو سمورن بورڊ ميمبرز ڏانهن اماڻيو، ان خط کانپوءِ استعيفائون اچڻ شروع ٿي ويون آهن.
رپورٽ ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته ٽورنامينٽ ۾ پئسو پاڻي جيان وهايو ويو جنهن سبب خرچ وڌي ويا ۽ آمدني گهٽ ٿي، آمريڪا ايونٽ جو گڏيل ميزبان هو پر هو هڪ تمشائي، يو ايس اي ڪرڪيٽ جي ڪنهن عهديدار وٽ ذميواري نه هئي، سمورا معاملا آءِ سي سي جي عهديدار وٽ هئا، ٽي ٽوئنٽي يو ايس ايس لاءِ به آءِ سي سي عهديدارن جي چونڊ ڪئي جڏهن ته سي اي او بريٽ جونز جي ڪرس ٽيٽلي سان ويجهڙائي هئي.
ميڊيا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ سي سي سالياني اجلاس ۾ ان معاملي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ بجيٽ جي حوالي سان جاچ ڪرائڻ جو امڪان آهي.

ICC T20Worldcup2024 USA

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.