ڪراچي ( ويب ڊيسڪ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ فلور مل مالڪن جي هڙتال ٽئين ڏينهن به جاري آهي، مقامي مارڪيٽن کي اٽي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب اٽي کوٽ پيدا ٿيڻ جو انديشو وڌي ويو آهي.
مل مالڪن ود هولڊنگ ٽئڪس خلاف مطالبن جي مڃتا تائين هڙتال جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن سبب اٽي جي ملن ۾ تالا لڳي ويا ۽ ڪم بند ٿي ويو آهي، ڪم بند ٿيڻ سبب مقامي مارڪيٽن ۾ اٽي جي فراهمي بند ٿيڻ سبب کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.
ان ڏس ۾ ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اڃا تائين ساڻس حڪومت ڪو به رابطو ناهي ڪيو.
You might also like