ڀارتي ٽي وي جي مشهور اداڪارا ديوانڪا ترپاٺي ۽ سندس مڙس وويڪ داهيا يورپ ۾ موڪلون ملهائڻ دوران هڪ وڏي وردات جو شڪار ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ديويانڪا ۽ وويڪ داهيا پنهنجي شادي جي اٺين سالگرهه ملهائڻ لاءِ يورپ جي شهر اٽليءَ جو رخ ڪيو.
ٻئي انسٽاگرام تي پنهنجي سفر جون خوبصورت يادون تصويرن ۽ وڊيوز جي صورت ۾ مداحن سان شيئر ڪندا رهيا.
پر هاڻ جوڙي انسٽاگرام اسٽوري شيئر ڪندي ٻڌايو ته سندن گهڻي قدر قيمتي سامان ۽ سندن گاڏي چوري ٿي وئي آهي جنهن ۾ پاسپورٽ ۽ بئنڪ جا ڪارڊز پڻ شامل آهن.
اداڪار جوڙي طرفان آگاهه ڪيو ويو آهي ته هو پرڏيهه ۾ بلڪل بي يارو مددگار بڻيل آهن ڇو ته هاڻ وٽن ڪجهه به ناهي بچيو.
پنهنجي خيرت جو اطلاع ڏيندي جوڙي ٻڌايو ته گاڏي محفوظ هنڌ تي ريزروٽ جي پارڪنگ ايريا ۾ بيٺي هئي جنهن مان سامان چوري ٿيو، چوري جي نتيجي ۾ سندن پاسپورٽ ۽ بئنڪ ڪارڊز سميت ٻيو قيمتي سامان هليو ويو، سامان جي ماليت اٽڪل ڏهه لک ڀارتي رپيا آهي.
جوڙي اٽليءَ ۾ ڀارتي سفارتخاني کي وطن واپسي لاءِ مدد جي اپيل ڪئي آهي، ان ڏس ۾ تازي صورتحال بابت آگاهه ڪندي اداڪار ديوانڪا ٻڌايو ته مقامي پوليس اسٽيشن ۾ واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي جيڪا معاملي جي جاچ ڪري رهي آهي.
You might also like