مون وٽ حلال جو پئسو آهي يا حرام جو فيصلو منهنجو رب ڪندو: ريشم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا ريشم شڪايت ڪندي چيو آهي ته ماڻهو سندس سٺي نيت سان ڪيل ڪمن تي به تنقيد ڪندا آهن.
هڪ بيان ۾ اداڪارا چيو ته هوءَ گذريل ويهه ورهين کان پنهنجي هٿن سان لنگر ٺاهي ورهائيندي آهي ۽ اِهو سلسلو گذريل ڇهن سالن کان مسلسل ٻارنهن مهينا هلي رهيو آهي.
هن چيو ته پهريان هڪ ديڳ ۽ ماني جو انتظام هوءَ 50 هزار ۾ ڪندي هئي هاڻي ان ئي لنگر تي ڏيڍ لک رپيا خرچ اچي ٿو، سندس لنگر ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿي ويو آهي.
سنس چوڻ هو ته کيس شوبز انڊسٽري ڇڏي 15 ورهيه گذري ويا آهن، هاڻ ڪڏهن ماڊلنگ يا ڪڏهن ڪنهن شو ۾ شرڪت ڪندي آهي، ان مان جيڪا آمدني ٿئي ٿي سا لنگر جي بندوبست تي خرچ ٿيندي آهي.
هن چيو ته الله سان واعدو ڪيو آهي ته جيستائين جيئري آهيان لنگر ورهائيندي رهنديس.
ريشم چيو ته سندس ان ڪم تي به ماڻهو آڱريون کڻي رهيا آهن ۽ چون ٿا غلط ڪري رهي آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.