ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر شاهين آفريديءَ جي گهر ننڍڙي مهمان جي آمد جو امڪان آهي.
ٻار جي پيدائش سبب فاسٽ بالر بنگلاديش خلاف شيڊيول ٽيسٽ سيريز مس ڪري سگهي ٿو، جنهن جي تصديق قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي ڪئي آهي.
هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته ٽيسٽ ٽيم جي قيادت شان مسعود ڪندو جڏهن ته بابر اعظم سان لاهور ۾ ملاقات ٿي آهي .
واضح رهي ته بنگلاديشي ٽيم آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ پاڪستان ايندي، پاڪستان ۽ بنگلاديش سيريز جون ميچون ٽيسٽ ميچون ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 21 کان 25 آگسٽ تائين راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ 30 آگسٽ کان 3 سٽيمبر دوران ڪراچي ۾ شيڊيول آهي.
ShaheenAfridi PCB PakvsBNG