”بابر هٽائي رضوان کي ڪپتان بڻايو“ اڳوڻي ڪرڪيٽر جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر سرفراز نواز ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني لاءِ شان مسعود کي برقرار رکڻ ۽ وائيٽ بال فارميٽ لاءِ محمد رضوان کي ڪپتان بڻائڻ جي حمايت ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ سرفراز نواز قومي سليڪشن ڪميٽي تي ڇتي تنقيد ڪندي پوري سليڪشن ڪميٽي کي نااهل قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
سرفراز نواز چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ پريس ڪانفرنس دوران ميمبرن قبول ڪيو هو ته قومي ٽيم جي چونڊ اتفاق راءِ سان ڪئي وئي تنهنڪري سليڪشن ڪميٽي جو هر ميمبر سليڪشن جو ذميوار آهي، سليڪشن ڪميٽي اجتماعي طور تي نااهلي جو مظاهرو ڪيو تنهنڪري سڀني کي برطرف ڪيو وڃي.

Babarazam MRizwan Pakistancricketteam PCB

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.