ويهه ورهين بعد ”مين هون نا ٽو“ٺاهڻ جو تياريون؟ زيد خان ۽ امرتا رائو جي وڊيو وائرل

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر هٽ فلم ” مين هون نا “ ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ جوڙي امرتا رائو ۽ اداڪار زيد خان جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، ڊگهي عرصي کانپوءِ ٻنهي کي گڏ ڏسي مداح خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
2024 ۾ رليز ٿيندڙ فلم مين هون نا زيد ۽ امرتا ويهه ورهين کانپوءِ هڪ وائرل وڊيو ۾ گڏ ڪم ڪندي نظرآيا آهن، مداحن وڊيو تي تبصرا ڪندي پڇيو ته ڇا مين هون نا ٽو ٺاهڻ جو تياريون هلي رهيون آهن؟
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ٻنهي اداڪارن جو لباس ۽ انداز اهڙو ئي آهي جهڙو هو ويهه سال اڳ مين هون نا ۾ ڏٺو ويو هو.
هڪ پاپارازي فوٽو گرافر اڪائونٽ تان شئير ڪيل وڊيو ۾ ٻنهي اداڪارن کي گڏ سيٽ تي ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي جتي هو ڪنهن پروجيڪٽ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻئي ڪنهن پروجيڪٽ جي شوٽنگ ڪري رهيا آهن ان حوالي سان فلحال ڪي به تفصيل سامهون ناهن آيا.
ياد رهي ته فلم مين هون نا ۾ شاهه رخ مک ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ٻي ڪاسٽ ۾ سنيل شيٽي، سُشيمتا سين، ڪرن کير، نصير الدين شاهه، بومن ايراني شامل هئا.

ZayedKhan AmritaRaoMain Hoon Na Soicalmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.