پنجاب جي راڄڌاني ۾ برساتن جو 30 سالا رڪارڊ ٽٽي ويو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ۾ چوماسي جي پهرئين اسپيل شهر ۾ ٽيهه سالا برسات جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.
واسا اختيارين لاهور ۾ ٿيل برسات جا انگ اکر جاري ڇڏيا جنهن تحت سڀ کان وڌيڪ برسات تاجپورا ۾ 315 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، لڪشمي چوڪ تي 170، مغل پورا 145 ۽ گلشن راوي ۾ 151 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
ان کانسواءِ چوڪ ناخدا تي 155، اقبال ٽائون 152، قرطبه چوڪ 152، سمن آباد 153، ايئرپورٽ 86، اپر مال 130، گلبرگ 41، نشتر ٽائون 162، جيل روڊ 69 ۽ فرخ آباد ۾ 140 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.
مقامي انتظاميا موجب، لاهور جي علائقي ڊيوس روڊ، چائنا چوڪ، ڪئنال روڊ، ڳڙهي شاهو، علامه اقبال روڊ، الله روڊ، ڪشمير روڊ، ايجرٽن روڊ، جوهر ٽائون، شملا پهاڙي ۽ ڀرپاسي ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب ڪيئي هنڌن تي برسات جو پاڻي بيهجي ويو آهي.

lahore Rain Punjab

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.