اليڪشن ڪمشنر خلاف سنگين غداري جي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي:عمر ايوب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي سيڪريٽري جنرل ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن کان ترت استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
سپريم ڪورٽ طرفان مخصوص سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ واري فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳوانن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.
پريس ڪانفرنس ۾ عمر ايوب چيو ته آئين جي غلط تشريح ڪرڻ وارن تي آرٽيڪل 6 لڳڻ گهرجي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن آئين ۽ قانون جي تشريح ذاتي مفادن جي بنياد تي غلط طريقي سان ڪئي، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کان بئٽ جو نشان کسي ورتو، اليڪشن ڪمشنر خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جهموري طاقتن لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن آهي، پارٽي 2022، 2023 ۽ 2024 ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون، جنهن کي اليڪشن ڪميشن بدنيتي جي بنياد تي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
هن وڌيڪ چيو اسان ايندڙ هفتي اليڪشن ڪميشن ۾گهربل دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيداسين.

victory PTI SupremeCourt reservedseatsCase

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.