ٽنڊو محمد خان (ڊ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ڪلفٽن واري علائقي جي هاڪسبي جي پٽي کي خانگائڻ وارو فيصلو سنڌ جي قومي وحدت تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي سنڌ جا ٻيٽ وسنديون نيلام ڪري سنڌ جي عوام کي پنهنجي ڌرتي تان نيڪالي ڏيڻ جي سنڌ دشمن رٿا تي عمل ڪيو وڃي پيو جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ، وفاقي صوبائي حڪومت ڪارونجهر جي جبل کي نقصان رسائڻ جو سلسلو بند ڪرائڻ جو اعلان ڪري وري ٻيهر نقصان رسائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جنهن ۾ هاڻي ڪارونجهر واري جبل جي پٽي تي ٻيهر ڪٽائي ڪري جبل جي ناياب پٿرن جي اسمگلنگ ڪئي وڃي پئي، سنڌ دشمن رٿائن خلاف سنڌ هاري ڪاميٽي سڄي سنڌ ۾ قومپرست ، ساڃاھ وند ڌرين سان عوامي رابطا ڪرڻ سان گڏ احتجاجي مظاهرا ڌرڻا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي ته وري محرم الحرام جي عاشوري کانپوءِ سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي ورڪر ڪميٽي جي گڏيل فيصلي سان مرحليوار احتجاجي تحريڪ جو شيڊول ظاهر ڪري ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي .