اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي تاريخي قرارڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ تحريڪ انصاف جي ريزرو سيٽن تي حق ۽ انصاف تي ٻڌل فيصلو ڏنو، اڄ 25 ڪروڙ ماڻهن، جمهوري طاقتن ۽ محب وطن پاڪستانين لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي، هي فيصلو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته هو چوندا رهيا، سندن حق تي ڌاڙو هنيو ويو جيڪو سپريم ڪورٽ واضح ڪري ڇڏيو، جيڪي ماڻهو تحريڪ انصاف کي ميسارڻ چاهن پيا، کين پيغام ملي ويو.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اڄ 13 مان 11 ججن پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي فوري طور عمل ڪري، هو اميد ڪن ٿا ته تحريڪ انصاف کي ريزرو سيٽون ڏنيون وينديون.
تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ سينيٽر شبلي فراز چيو ته هو عدالتن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا، فيصلي سان انصاف جو علم بلند ٿيو آهي.
هن چيو ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي جمهوري ۽ سياسي تاريخ ۾ يادگار ڏينهن هوندو، کين اڃا به اڌ مينڊيٽ مليو آهي، جدوجهد ختم ناهي ٿي.
ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجا چيو ته هي پاڪستان جي تاريخ جو سونهرو ڏينهن آهي، اڄ آئين جي سوڀ ٿي آهي، هي تمام وڏو ڏينهن آهي، اڄ هنن هڪ قانوني جنگ کٽي آهي،سياسي جنگ اڃا باقي آهي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.
victory PTI SupremeCourt reservedseatsCase