سني اتحاد ڪائونسل جو چيف اليڪشن ڪمشنر کان ترت استعيفيٰ جو مطالبو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين صاحبزدا حامد رضا چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت درخواست سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر ترت عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.
سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي صاحبزدا حامد رضا چيو ته اليڪشن ڪميشن اسان جو مينڊيٽ چورائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڄ حقدار جو حق ادا ڪري اداري جو وقار بحال ڪيو.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ به اليڪشن ڪميشن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو، چيف اليڪشن ڪمشنر فوري طور پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي.

sunniittehadcouncil electioncommissioner ECP

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.