لاهور(ويب ڊيسڪ) ود هولڊنگ ٽئڪس خلاف فلور مل مالڪن جي هڙتال ٻئي ڏينهن به جاري آهي.
اسلام آباد، راولپنڊي، ملتان، بهاولپور، سکر، روهڙي ۽ حيدرآباد سميت ملڪ جي اڪثر شهرن ۾ فلور ملز مالڪن جي هڙتال آهي.
فلور ملز مالڪن جي هڙتال سبب مقامي مارڪيٽن ۾ فلور ملز مان اٽي جي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي آهي.
پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عاصم رضا چيو آهي ته ود هولڊنگ ٽئڪس واپس وٺڻ جو مطالبو جائز آهي، اسان ٽئڪس ايجنٽ نٿا بڻجي سگهون.
هن چيو ته حڪومت اسان سان رابطو ناهي ڪيو ۽ نه ئي ايف بي آر ان حوالي سان ڪجهه چيو آهي.
مل مالڪن جو چوڻ آهي ته ٽئڪس نه ملڻ خلاف احتجاج جاري رهندو.
مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ته سڄي ملڪ ۾ اٽي جي کوٽ جو خدشو آهي.
Flourmillers strike withholdingtax